ٻار گلن جا هار- ڪتاب

ٻار گلن جا هار- ڪتاب

ٻار گلن جا هار

ٻار گلن جا هار (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب، شاعر غلام محمد غازي جي ٻارڙن لاءِ ڪيل شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن جو انتساب هُن پنهنجي شفيق استاد فتاح هاليپوٽي (شرجيل) کي ڪيو آهي. ٽائيٽل تي هڪ خوبصورت ٻارڙيءَ جي رنگين ۽ مرڪندڙ تصوير ڏنل آهي. هن 37 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي باتصوير ڪتاب ۾ حمد ۽ دعا سان گڏ ٻارن جي پسند جي شين، راندين، گلن، باغن، وطن ۽ اُن جي نظارن ۽ سنڌ جي شهرن وغيره بابت خوبصورت ۽ آسان نظم شامل آهن. هن ڪتاب جي قيمت 15 رپيا آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ عبدو (ضلعي شڪارپور) پاران نومبر 1992ع ۾ ڇپايو ويو آهي .


لفظ ٻار گلن جا هارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو